اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وف??قي ڪابينا ايف بي آر ۾ سڌ??رن جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊز فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. نگران وف??قي ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ڊ??جيٽلائيزيشن جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن تي تفصيلي بحث ڪيو. نگران وزيراعظم ايف بي آر سڌ??رن جي حوالي سان پيش ڪيل انهن تجويزن جي حوالي سان ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ ناڻي واري نگران وف??قي وزير جي سربراهي ۾ هڪ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ نجڪاري، پرڏيهي معاملن، واپار، توانائي، قانون ۽ انصاف ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارا نگران وف??قي وزير شامل هوندا. ڪميٽي انهن تجويزن جي حوالي سان پنهنجون سفارشون وف??قي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪابينا ملڪ ۾ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي، ٽيڪس – جي ڊي پي تناسب ۾ بهتري ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انتظامي ڍانچي جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن تي ناڻي واري نگران وف??قي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي ڪوششن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا جي سمورن ميمبرن گڏيل طور تي انهن ايف بي آر سڌ??رن جي حوالي سان انهن تجويزن جي تائيد ڪئي ۽ ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته نگران حڪومت ايف بي آر سڌ??رن جي ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. وف??قي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي دستا حساس تڪن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي فرض سرانجام ڏيندا ۽ ريپڊ ر??سپانس فورس جي طور تي پڻ ڪم ڪندا. وف??قي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي طاهر حسين قريشي جي ايس ايم ايس بئنڪ جي صدر طور ملازمت جي مدي ۾ ٽي مهينا يا اداري جي باضابطا بندش تائين جي توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي اسلام آباد هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جي رجسٽريشن بورڊ ۾ ميڊيڪل ڪاليجز جي نمائندي جي طور تي پروفيسر ڊاڪٽر انور علي شاهه، پرنسپل شفا ڪاليج آف ڊينٽسٽري، شفا عطا ملت يونيورسٽي اسلام آباد ۽ پرائيويٽ هيلٿ ڪيئر اسٽيبلشمينٽ سيڪٽر جي نمائندي جي لاءِ ڊاڪٽر درشهوار فيصل جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قومي صحت وارو نگران وف??قي وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو. وف??قي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 جنوري 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وف??قي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 9 جنوري 2024ع ۽ 17 جنوري 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.