اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ جي وڏي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ پيمرا چيئرمين جي آفيس ويو ۽ پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ م??حو?? جي ايصال ۽ ثواب لاءِ فاتحه خو??ني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمين جي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي ا??سو?? ٿيو. م??حو?? جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي وڏي عرصي تائين ڀري نه ٿ?? سگهجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ م??حو?? ظفر بيگ کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن ??ي صبر عطا فرمائي.