راولپنڊي-08 فيبروري (اي پي پي)ملڪ جي هٿيار??ند فوج سال 2024ع جون عام چونڊون پرامن ۽ تشدد کان پاڪ منعقد ڪرڻ تي قوم ک?? مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هٿيار??ند فوج کي سيڪيورٽي ادارن ??ان گڏجي چونڊ عمل ۾ مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي فخر آهي، هٿيار??ند فوج آئيني اختيارن تحت چونڊن کي پرامن بنائڻ کي يقيني بڻا??و، ا??ان کي پوري اميد آهي ته ا??ان جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ هيءَ اليڪشن پاڪستان ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجندي ۽ پاڪستاني عوام جي امنگن کي پورو ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪندي. آءِ ايس پي آر موجب سال 2024ع جي عام چونڊن ۾ تقريبن 6000 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي 7800 کان وڌيڪ ڪوئيڪ ريسپانس فورس ۽ مجموعي طور تي 137000 فوجي جوانن ۽ سول آرمڊ فورسز محفوظ ماحول کي يقيني بڻايو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ 51 بزدلاڻن دهشتگرد حملن جو مقصد چونڊ عمل کي متاثر ڪرڻ هو، ان باوجود پاڪ فوج پرعزم رهي ۽ پوري پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي کي موثر طريقي ??ان يقيني بڻايو. انهن حملن ۾ 10 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 12 ڄڻا شهيد ۽ 39 زخمي ٿيا، فعال انٽليجنس حڪمت عملي ۽ فوري ڪارروائي ذريعي ڪيترن ئي امڪاني خطرن کي ناڪام بڻايو ويو جيڪو شهرين جي جمهوري حقن جي تحفظ لاءِ ا??ان جي سيڪيورٽي ايجنسين جي اڻٽٽ عزم ک?? ظاهر ڪري ٿو، مختلف ڪاررواين دوران 5 دهشتگرد به ماريا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا جن جمهوري عمل جي تحفظ لاءِ هٿيار??ند فوج ??ان گڏجي ڪم ڪ??و، ا??ان کي پوري اميد آهي ته ا??ان جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ هيءَ اليڪشن پاڪستان ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجندي ۽ پاڪستاني عوام جي امنگن کي پورو ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪندي. هٿيار??ند فوج ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي ??رق??ار رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ا??ان رياست جي جمهوري روايتن جي تحفظ لاءِ اڻٽٽ حمايت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.