اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) يوٽيليٽي اسٽورن تي رمضان شريف کان اڳ بنيادي شين تي 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي جي شروعات(اڄ) اڱاري کان ٿي وئي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن اسٽورز جي ترجمان مطابق وزيراعظم طرفان اعلان ڪيل عوام جي سهولت لاءِ رمضان شريف جي مهيني ۾ 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي تي بنيادي شين جي فراهمي اڄ کان شروع ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت ان خصوصي پيڪج تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ذريعي عوام کي 19 بنيادي شيون جن ۾ اٽو، گيهه، کاڄرو تيل، کنڊ، دال، چڻا، اڇي چڻي، بيسڻ، کجي، چ??نور، چ??نهه، گرام مصالحن، کير ۽ شربت رع??يتي اگهن تي فراهم ڪيون وينديون. ترجمان مطابق يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن رمضان دوران عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سمورن عذائي جنسن جي وافر مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائيندي. ان ڀيري اها رع??يت ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي بي آءِ ايس پي ۾ PMT-40 بدرا PMT-60 جي رجسٽرڊ غريب خاندانن کي ملندي ۽ PMT-60 جي سبب 20 ڪروڙ عوام ان پيڪج سان فائدو حاصل ڪندا. نوٽيڪيشن مطابق رمضان پيڪج تحت چانهه جي 800 گرام ق??مت ۾ 100 رپيا، بيسڻ ۽ کجي جو في ڪلو ق??مت ۾ 50 رپيا، کير جو في ليٽر پيڪ جي ق??مت ۾ 30 رپيا، دالين ۽ چانور جو في ڪلو ق??مت ۾ 25 رپيا، ڪوڪنگ آئل جو في ليٽر ق??مت ۾ 25 رپيا ۽ شربت جي 800 ملي ليٽر ق??مت ۾ 30 رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.