اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ??ي ڪاروباري وفد ??ي ڪامياب دوري کي ملڪي معيشت جي لاءِ اهم سنگل ميل قرار ڏيندي چيو آ??ي ته سعودي ڪمپنين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جو جائزو ورتو آ??ي، سعودي وفد جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ نئون دور ڏٺو آ??ي، وفد جي سربراهه پاڪستاني عملدارين جي تياري کان تمام گهڻو متاثر ٿيو، وفد دوري جي اڳڀرائي کان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ??ي ڪاروباري وفد پاڪستان جو دورو ڪيو آ??ي ۽ پاڪستان جي مهمان نوازي جو کليل دل سان اعتراف ڪيو آ??ي. سعودي وفد جي سربراهه جهڙي انداز ۾ پاڪستاني عملدارن کي ساراهيو ان سان تمام گهڻي خوشي ٿي آهي 7 ڀائر ملڪ سعودي عرب جي وفد جنهن گرمجوشي جو مظاهرو ڪيو اهو منهنجي لاءِ فخر جوڳو آ??ي. سعودي وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان و??يرن جي تياري کي تمام گهڻو ساراهيو. هن دوري تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو آ??ي ۽ چيو آ??ي ته هو انتهائي خوشي سان و??پس وڃي رهيا آهن ۽ واپس سعودي عرب وڃي ٻڌائيندا ته اسان پاڪستان ۾ هڪ نئون دور ڏٺو آ??ي. هتي اسان جي بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ??يون. پاڪستاني عملدارن وفد کي ڀرپور طريقي سان پريزينٽيشز ڏن??ون جيڪا اسان جي لاءِ انتهائي حوصلي جوڳي ڳالهه آهي. سعودي وفد دوري جي اڳڀرائي کان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪندو. وزيراعظم دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ واپار واري وفاقي وزير، پيٽروليم واري وفاقي وزير، ناڻي واري وفاقي وزير، هوابازي ۽ بجلي واري وفاقي وزير سميت لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ وزارتن جو وڏو اهم ڪردار رهيو آ??ي، انهن جون بهترين ڪوششون ساراهه جوڳ??ون آهن جنهن تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هن دوري کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملدارن جو هڪ اجلاس طلب ڪيو آ??ي. هي انتهائي اهم ڏينهن هو.