اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي روانگي واپار کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ جي حوالي سان فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واپار ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاليسيون ٺاهڻ وقت نجي شعبي سان مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي قيادت هيٺ واپار جي شعبي جي حوالي سان اهم جائزه اج??اس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اج??اس ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان کي اهڙي واپاري پاليسي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ڪاروبار ۾ آسانيون ۽ سهولت ٿ??ي. ??ن هدايت ڪئي ته ملڪي روانگي واپار کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ جي حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن، غيرروايتي شين جي برآمدات جي حوالي سان قدم کنيا وڃن، واپار ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاليسيون ٺاهڻ وقت نجي شعبي سام مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ۾ نجي شعبي ۽ صنعت جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برآمد ڪندڙن جي تصديق ٿيل ڊيوٽي ڊرا بيڪس فوري ادا ڪيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته ملڪي آٽو سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ ڊيليشن پاليسي تي عملدرآمد ڪيو وڃي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. ??زيراعظم چيو ته سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ٽريڊ آفيسرن جي پذيرائي ٿيندي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کان سخت پُڇاڻو ۽ انهن کي عهدن تان هٽايو ويندو. وزيراعظم چيو ته هو پاڻ هر مهيني ٻه ڀيرا برآمدي شعبي جو جائزو وٺندو. اج??اس کي واپاري ۽ برآمدي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۽ نار ملڪن جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلن ۾ ??هي?? ازبڪستان ۽ تاجڪستان سان واپاري لنگهه جا معاهدا فعال ٿي چڪا آهن جن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ تازي پاڪ – سعودي بزنس ڪانفرنس ۾ 450 بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ٿيون، اي ڪامرس جي ڪاٿي ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ٽريڊ پورٽ?? تي 3 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين کي شامل ڪيو ويو ??هي?? افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ نگراني جو عمل سخت ڪيو ويو ??هي?? پبلڪ سيڪٽر انشورنس ڪمپنيز جي پريميئم گروٿ ڊبل ڊيجٽ ۾ ??هي?? جيم (Gem) ايڪسپورٽ فريم ورڪ تي ڪم حتمي مرحلن ۾ ??هي?? بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايران ۽ روس سان بارٽر ٽريڊ آپريشنلائيزين جي حوالي سان ٻنهي ملڪن اصولي رضامندي جو اظهار ڪيو ??هي?? آذربائيجان ۽ افغانستان سان پريفرينشيل واپاري معاهدي جي حوالي سان ڌرين سان مشاورت ڪئي پئي وڃي، نئين اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي جي حوالي سان ضروري مشاورت ڪئي پئي وڃي، صنعتي ترقي جي لاءِ ٽيڪنالاجي اينڊ اينوويشن فنڊ قائم ڪرڻ جي حوالي سان ضروري قانونسازي ڪئي پئي وڃي.