اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ا??را?? جي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻي?? جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر جو ايراني صدر جي شهادت تي پاڪستاني ح??وم?? ۽ عوام پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايراني صدر جي شهادت تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينر?? جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايراني صدر جي شهادت اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي، صدر ابراهيم رئيسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستان جو عظيم دوست هو، صدر ابراهيم رئيسي جي شهادت سان مسلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيو ئي آهي. وقتي صدر پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان پڻ ملاقات ??ئي جنهن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايرا?? جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايرا?? جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايرا?? جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان سان لاڳاپن جو فروغ ايرا?? جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي، ايرا?? جي سپريم ليڊر پاڪستان سان لاڳاپ?? جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم صدر رئيسي جو پاڪستان جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني عوام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني عوام ۽ ح??وم?? جا ٿورا مڃيا. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ا??راني سفارتخاني ۾ مهمان?? جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.