اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) اطلا??ات?? نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ??ي پي اين اي ملڪ ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي قدرن جي پاسداري ۽ عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اين اي بطور اداري فعال ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مهوريت جي مضبوطي جي لاءِ صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي ضروري ??ئيني گهرج آهي. هن چيو ته ??ڪومت سدائين ميڊيا جي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي. هن چيو ته ??خبارن ۽ رسالن جي مسئلن جي حل لاءِ سي پي اين اي سان تعاون جاري ??کيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار صحافت جي شعبي جي بهتري ۽ ميڊيا صنعت جي ڀلائي لاءِ صحافتي برادري ??ي اميدن تي پورو لهندا. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سي پي اين اي جي صدر ارشاد احمد عارف، سيڪريٽري ??نرل اعجازالحق، سينيئر نائب صدر انور سجادي ۽ ٻين نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.