اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته حڪومت انساني همدردي جي بنياد تي ميان نواز شريف کي چئن هفتن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي ا??ازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ج?? نالو اي سي ايل مان ناهي ڪڍيو ويو پر ??يس هڪ ڀيرو ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ا??ازت ڏني وئي آهي، هو 7 ارب رپين جو شوئرٽي بانڊ جمع ڪرائي ٻاهرئين ملڪ وڃي سگهي ٿو، وڪيل، ڊاڪٽرن جي راءِ ۽ عدالتي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ان کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ا??ازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ا??تساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.