اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي ر??شني ۾ 72 سالن کانپوءِ ”قومي ميڊيا پال??سي??? آڻي ر??يا آهيون، پاليسي صرف اشتهارن تائين محدود نه پر ميڊيا جي سمورن شعبن جي حقن جي ضامن، جذبن، احساسن ۽ ضرورتن جي عڪاسي ڪندي، ميڊيا سان گڏجي ميڊيا انڊسٽري کي مسئلن مان ڪڍي هڪ اهڙو روڊ ميپ ڏئي ر??يا آهيون جنهن ۾ حقيقتن ۽ فرضن جي وچ ۾ توازن قائم ٿيندو، ميڊيا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ سچ لکي، هروڀرو الزام تراشي سان وقتي شهرت ته ملندي آهي پر عوام جي عدالت ۾ حقيقي شڪست ٿيندي آهي، رياست ۽ صحافت ٻئي گڏوگڏ هلي ر??يا آهن، حڪومت ان ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ر??ي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ صحافي حنيف خالد جي ڪتاب ”اڌ صدي جو صحافتي سفر“ جي ر??نمائي تقريب کي خطاب ڪ??ي ر??ي هئي.