اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته 17 فيبروري کان سڄي ??لڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جاري آهي ۽ حڪوم?? ان مرض جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، تازي مهم ۾ 39 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف آهي جنهن جي لاءِ 2 لک 65 ه??ار پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، خاص مددگار چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ فرنٽ لائن ورڪز اسان جا اصلي هيرو آهن انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي موثر قدم کڻي رهي آهي.