اسلام آباد – 23 جون (اي ??ي ??ي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 22 هين س??شن دوران ايوان جي ڪارروائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائي ويندي ۽ ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. خ??شگ??ار ماحول ۾ ايوان جي ڪارروائي جي لاءِ تعاون تي سمورين پ??رلياماني پارٽين جو ٿورائتو آهيان. اميد آهي ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاسن ۾ به انهي جذبي کي برقرار رکيو ويندو. پارلياماني اڳواڻن پنهنجي ميمبرن کي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڌ کان وڌ موقعو فراهم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.