وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات کانسواءِ اسٽيڊيم جو دورو ڪندو

image
APP77-230822 DOHA: August 23 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif meets Prime Minister of Qatar Sheikh Khalid bin Khalifa bin Abdulaziz Al-Thani. APP

دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پنهنجي قطر جي دوري جي دوران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ديوان ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ دوحه ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ديوان ويندو. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اميري ديوان ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم اڄ دوحه ۾ 974 اسٽيڊيم جتي فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع ٿيندو جو دورو به ڪندا. وزيراعظم کي اسٽيڊيم جي مختلف سيڪشنز ۽ سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ان کان علاوه قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي فروغ جي حوالي سان وزيراعظم اڄ قطر بزنس مين ايسوسي ايشن ۽ قطر ايئرويز جي سي او سان به ملاقات ڪندو.

مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania