اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪر?? ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مسلمان ملڪن کي متحد ٿي ڪري اولهندي ملڪن کي ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي طرح جي قدمن سان سوا ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿيندي آهي، يورپ ۾ هولوڪاسٽ تي ڳ??لهه نٿي ڪري سگهجي، ماضي ۾ منصوبابندي نه ڪرڻ سبب ماحول تي منفي اثر پيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ قومي رحمت العالمين ﷺ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع ”ماحولياتي آلودگي ۽ اسان جي ذميداري“ هو. هن چيو ته اها ڪانفرنس هر سال منعقد ڪئي ويندي. پاڪستاني عوام خاص طور نوجوانن کي حضور اڪر?? ﷺ جي حيثيت بابت مڪمل آگاهي ڏيڻي آهي، حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جهڙو عظيم انسان آيو آهي نه ئي ايندو، ??نيا جي سئو عظيم شخصيتن ۾ حضور اڪر?? ﷺ جو پهريون نمبر آهي. الله قرآن پاڪ ۽ حضور ﷺ جي زندگي جي ذريعي اسان کي راهه ڏيکاري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان مستقبل جي منصوبابندي ناهي ڪئي، جنهن جا ماحولياتي صور??حا?? تي اثر پيا آهن، اسان جي خطي ۾ ماحولياتي صور??حا?? سنگين آهي، گرمي جي شدت جي ڪري گليشيئر پگهرجي رهيا آهن، موسمياتي تبديلين جي ڪري منفي اثر پئجي رهيا آهن، هن چيو ته مسلمانن ايمان جي قوت سبب ڪاميابي حاصل ڪئي.