اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائر?? جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دور??ن ڪورونا جي هڪ هزار 708 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 21 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 20 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دور??ن ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 989 ٽيسٽ ??يا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 273، پنجاب ۾ 11 هزار 388، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 877، اسلام آباد ۾ 5 هزار 453 ، بلوچستان ۾ 688 ، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 938 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 65 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 855 وينٽيليٽرز تي ڪو??ڊ 19 جا 197 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 21 هزار 98 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 48 هزار 184 آهي.