اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته خودمخ??يا??ي وارو حق انساني احترام جو بنيادي جزو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي خاطرين ۽ ذميدارين کي پور?? ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمخ??يا??ي واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هرممڪن حمايت جاري رکندو. ڪشميرين جي خودمخ??يا??ي واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هر سال پنج جنوري کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ خودمخ??يا??ي واري حق جي ڏهاڙي جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عالمي برادري ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين کان نظرون نٿي ڦيرائي سگهي.