گلگت – 24 – جنوري (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چئن ڏينهن جي دوري تي گلگت پهچي ويو، جتان هو نيشنل اسڪي چيمپيئن شپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت جي ل??ءِ گلگت جي سياحتي مقام نلتر هليو ويو. صدر خصوصي اڏام ذريعي گلگت پهتو ته ايئر??ور?? تي گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون، وڏي وزير خالد خورشيد خان، ڪمانڊر فورس ڪمانڊ اتريان علائقا ميجر جنرل جواد احمد قاضي، چيف سيڪريٽري خرم آغا، آءِ جي ڊاڪٽر ??جيب الرحمان سميت ٻين اعليٰ عملدارن استقبال ڪيو.