اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بنائڻ لاءِ موجوده اليڪشن ڪميشن استعيفيٰ ڏئي، نئين اليڪشن ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. سومر ڏينهن اهڙو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر شبلي فراز ?? وفاقي وزير فواد چوڌري به موجود هئا. شفقت محمود چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن تي ڪنهن کي به اعتماد ناهي رهيو.