اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چناب درياءَ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امڪاني شديد ٻوڏ ?? پنجاب جي شهري علائقن ۾ برساتن سان ٻوڏ واري صورتحال جي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي ه??ءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ٻوڏ ريلن کي روڪڻ جي ل??ءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا و??ن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته 25 آگسٽ تائين سانوڻي جي امڪاني شديد اسپيل جي ڊيش بورڊ تان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ۽ ريليف جا ادارا، سول ڊفينس ۽ ضلعي انتظاميا چناب درياءَ جي ڪيچمنٽ ايريا ۽ برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال جي خطري ۾ ورتل شهرن ۾ عوام جي حفاظت جي ل??ءِ هر وقت تيار رهن، ڪنهن به ه??گامي صورتحال ۾ ماڻهن جي انخلا ۽ ريسڪيو، پاڻي جي نيڪالي، دوائن، خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي پهچ جي ل??ءِ مڪمل تياري يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کان امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ شهرين کي صورتحال بابت مڪمل طور آگاهه رکيو وڃي، واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ٻوڏ ريلن کي روڪڻ جي ل??ءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا و??ن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يقيني بڻايو وڃي ته شهرين کي هر وقت صورتحال تي نظر رکڻ جي ل??ءِ اين ڊي ايم اي جي ڊيزاسٽر الرٽ ايپلي ڪيشن بابت آگاهي پهچي.