لاهور – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ ماڻهو تمام عظيم آهن، هتي اچي خبر پئي ته فائونٽين هائوس دنيا جي بهترين اد??رن مان هڪ آهي، اهڙي طرح جي اد??رن ۾ اچي دلي سڪون ملي ٿو ۽ حقيقي خوشي ملي ٿي، معاشري جي محروم ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ تمام وڏي خدمت آهي، دنيا ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جو ??ڪار آهن، ڪوشش آهي ته هڪ ڪال سينٽر قائم ڪريان جتي ڊپريشن ۽ نفسياتي دٻاءُ جو ??ڪار ماڻهن کي فون ڪالز ذريعي ??ڪون ۽ آرام حاصل ڪرڻ بابت مشورا ڏنا وڃن، ڊبليو ايڇ او جي طرز تي اسلام آباد ۾ اسڪول ٽيچرز جي مدد سان ٻ??رن ذريعي ڊپريس والدين جو ??لاج ڪرڻ جو ??وچي رهيا آهيون. هو فائونٽين هائوس ۾ ورلڊ سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ آٽزم اينڊ چائلڊ سائيڪاٽري ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.