اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان چين جي سفير يائو جنگ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس سبب پي??ا ٿيندڙ صورتحال کانسواءِ خطي، ع??ائ??ائي ۽ عالمي نوعيت جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪورونا وائرس سبب پي??ا ٿيندڙ صورتحال تي چين جي سفير يڪجهت?? جو اظهار ڪندي چين جي حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪورونا وائرس سبب درپيش مسئلي تي چين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ چيئرمين چين جي ما??رن جي وفد جي تازي دوري کي انتهائي مفيد قرار ڏنو ۽ چيو ته ما??رن ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز پاڪستان جي طبي ما??رن ۽ عملي کي پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻن ۾ مدد ملندي.