اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي آءِ اي جهڙن قومي ادارن کي ماضي ۾ تباهه ڪيو ويو، هن وقت پي آءِ اي سميت سيرين ايئر لائين ۽ ٻين نجي ايئر لائنز جا پائليٽس ڇنڊڇاڻ جي عمل مان گذري ??ڪا آهن ۽ تصديق ٿيل ڊگريون رکندڙ آهن، عوام اعتماد رکي، جهاز اڏائيندڙ سمورا پائليٽس جانچ کانپوءِ ڪليئر آهن، پي آءِ اي سميت سمورن ادارن جي ساک بحال ڪنداسين، جنهن اداري ??ي هٿ لڳايون ٿا ان ۾ مس??لا آهن، وفاقي وزير سيد علي زيدي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح مس??فرن جو تحفظ آهي، سول ايوي ايشن جي لائسنس??گ اٿارٽي جي پنج خاص ماڻهن کي معطل ڪيو ويو آهي، ضابطي جي خلاف ڀرتين ۾ ملوث ماڻهن جو ڪڙو احتساب ٿيندو، ا??تساب جو عمل سدائين مٿان کان شروع ٿيندو آهي، گذريل 10 سالن ۾ ٻنهي حڪومتن ملڪي تشخص کي نقصان پهچايو، پيپلزپارٽي کي عوام کان ڦريل ڳڀي، لٽي ۽ اجهي جو جواب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا، شاهد خاقان عباسي 20 ارب روپين جي سبسڊي ڏيڻ جي معاملي جو اڃان تائين جواب ناهي ڏنو، ا??ان جي ڪوشش آهي ته کنڊ جي قيمت عوام جي پهچ ۾ رهي، اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.