اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان آذربائيجان سان سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضا??ي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان لاءِ نامزد پاڪستاني سفير بلال حئي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪس??ان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گهرا معاشي، سياسي، دفاعي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪس??ان آذربائيجان سان سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس دوران آذربائيجان طرفان پاڪتسان کي امداد فراهم ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون.