اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ز??اع?? بابت لاڳاپيل ڪاروبار جي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان ۾ فارمنگ انڊسٽري جي فروغ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بهتر فصل لاءِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن. هو ايوان صد?? ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ ز??اع?? ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام وارو سيڪريٽري، شعيب صديقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) نسيم نواز به شرڪت ڪئي، وفاقي وزير سيد فخر امام اجلاس کي وزارت طرفان ز??اع?? جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته سندس وزارت زرعي شعبي ۾ روايتي طريقن ۾ تبديلي آڻ?? جي لاءِ مدد ڪندي، آءِ ٽي واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته سندس وزارت آبادگارن کي زرعي ڄاڻ جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ايپليڪيشن ٺاهيندي، ان موقعي تي زرعي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ انهن سمورين وزارتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ز??اع?? جي شعبي ۾ جدت آڻ?? لاءِ روڊ ميپ جي تياري لاءِ قومي فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت قائداڻو ڪردار ادا ڪندي.