اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان افغا??ست??ن جي نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ تيار آهي ۽ هنرمندي جي ذريعي لکين پناهگيرن جي پنهنجي معاشري ۾ ٻيهر يڪجهتي جي لاءِ به مدد ڏيندو. جنيوا ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي بابت اعليٰ سطحي مشاورتي ڪانفرنس سان ورچوئل خطاب ۾ هن چيو ته افغان پناهگيرن جي لاءِ افغا??ست??ن ۾ جاري ترقياتي منصوبا اهميت رکندڙ آهن، صدر چيو ته پاڪستان گذريل 40 سالن کان پنهنجي سرزمين ت?? وڏي تعداد ۾ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ افغا??ست??ن جي نئين سر تعمير جي لاءِ کين هنر سيکارڻ لاءِ به مدد ڏئي سگهي ٿو. صدر ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گذريل ٻن ??ان ٽن نسلن کان پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگير واپاري ادراڪ سميت مختلف هنر سکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وطن واپس وڃي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان افغا??ست??ن جي هڪ خوشحال مستقبل لاءِ ان??ن جي ترقي جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جا خرچا ڪيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاءِ مفيد هوندا، هن چيو ته پاڪستان ۽ افغا??ست??ن جيو اقتصادي ۽ جيواسٽريٽجڪ مرڪز بڻجي سگهن ٿا جنهن سان وچ ايشيا کان سڌو سنئون افغا??ست??ن واپاري سامان پاڪستان اچي سگهندو، هن چيو ته افغا??ست??ن جي عوام پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي نظم ۽ ضبط جو فيصلو ڪرڻ جو حتمي اختيار رکي ٿي، هن چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪميشن (يو اين ايڇ سي آر) جي موجوده سربراهه فلپوگرينڊي ۽ اڳوڻي سربراهه انتونيو گوئترس پاران افغان پناهگيرن جي بحالي لاءِ يو اين ايڇ سي آر جي ڪم کي ساراهيو، صدر امن عمل جي لاءِ اڳتي وڌڻ تي افغانن، سندن حڪومت ۽ طالبان کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان افغا??ست??ن جي امن عمل جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو انتهائي اهم ۽ سنهري دور آهي، افغا??ست??ن ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ خوشحالي جي شڪل ۾ موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.