لاهور – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون تي هڪ سياس?? بيان کڻي ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مون 26 سيپٽمبر 2020ع جي پروگرام ۾ ڪنهن ڪمپني جو نالو نه کنيو جڏهن ته 29 سيپٽمب?? تي جعلي ليٽر ٺاهيو ويو ڇو ته اهو اهڙي شخص جي صحيحن سان ٺاهيو ويو جيڪو پاڪستان ۾ نه هو، 20 سيپٽمب?? تي هڪ ٻيو ليٽر ٺاهيو ويو ۽ منهنجي خلاف ڪريمنل پروسيڊنگ سان گڏ ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏهن ته عام طو?? تي اهڙو ڪيس سول ڪورٽ ۾ ويندو آهي ۽ اهو ڄاڻي واڻي ڪريمينل پروسيڊنگ ۾ موڪليو ويو جڏهن ته اهو ڪيس معزز عدالت ۾ آهي جنهن جي حقيقتن جو فيصلو جلد عدالت ڪندي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.