اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ڀارتي مدد سان پاڪستان ۾ ڪيل دهشتگردي، ڪشمير ۾ ان جي ظلمن ۽ 15 سالن کان اسان جي خلاف برپا ان جي ڊس انفارميشن مهم جو پردو هٽي ٿي چڪو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڻ م??دي سرڪار سان ڳٺ جوڙ کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي ارادن ۽ م??دي سرڪار جي سفاڪيت تان پردو هٽائيندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??مران خان چيو ته 2019ع ۾ جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ مون ٻڌايو ته سفاڪ م??دي سرڪار بالاڪوٽ واقعي کي ڪيئن پنهنجي چونڊ فتح لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي پنهنجي سياه ڪارين جي حوالي سان مشهور ڀارتي صحافي جي تازه ڪميونڪيشن سان م??دي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا وچ ۾ ناپاڪ ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿيو آهي.