اٽڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻا وزيراعظم ۽ وزير ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيندا رهيا، قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي پاڻ ٻاهر وڃي ويهي رهيا ۽ شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن، جنهن جي والد جي سائيڪل جو دڪان هو اڄ رولز رائس گاڏين جا مالڪ آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ تماشو ٿي رهيو آهي، ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ منڊي لڳل آهي، قيمتون لڳي رهيون آهن، مخالف ڌر جلسن سان اسان کي نٿي ڪيرائي سگهي، هاڻي ماڻهن کي خريد ڪري پنهنجا وڌيڪ سينيٽرز چونڊرائڻ چاهين ٿا اها ڪهڙي جمهوريت آهي، ماضي ۾ ملڪ ۾ ٻيلن کي بي دردي سان ختم ڪيو ويو، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبي کي ڪا??ياب بڻائڻو پوندو، خيبرپختونخوا وانگر پنجاب ۾ به هلندڙ سال جي آخر تائين سمورن شهرين کي هليٿ انشورنس جي سهولت ملي ويندي، نوجو??نن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪا??ره ۾ ٽيڪنالاجي زون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار غازي بروٿا ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بدقمستي سان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن،گر??ن هائوسز گئسن جي اخراج سان دنيا ۾ سراسر گرمي پد وڌي رهيو آهي ان لاءِ اسان کي هر اهو قدم کڻڻ گهرجي جنهن سان سراسري گرمي پد ۾ ٿيندڙ ان اضافي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ان مقصد لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام کي ڪا??ياب بڻائڻ جي ضرورت آهي، وڻ لڳائڻ اسان جي مستقبل لاءِ تمام ضرو??ي آهن. هتي 10 لک وڻ لڳايا پيا وڃن پر انهن جي حفاظت جي ذميداري نوجو??نن تي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان نوجو??نن کي راندين جا ميدان به ٺاهي ڏينداسين. نوجو??نن لاءِ راندين جي ميد??نن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڻ اسان جي مستقبل ۽ راندين جا ميدان نوجو??نن جي صحت لاءِ ضرو??ي آهن.