اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ??ين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، مافياز چاهي ٿي ته اها قانون کان مٿانهين رهي، آبادگارن وٽ ايترو پئسو اچي ويو آهي جو انهن وڏي تعداد ۾ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ورتا آهن ۽ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽريڪٽر وڪرو ٿيڻ جو رڪارڊ گذريل سال قائم ٿيو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي لاءِ قائم ٿي آهي، قانون جي سامهون سڀ برابر آهن، مخالفن کي ??وف آهي ته ڪٿي حڪومت ڪام??اب نه ٿي وڃي، کين پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو آهي ان لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، صحت ڪارڊ تمام وڏو انقلاب آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪنداسين، صنعت ۽ زراعت کي 50 سالن کانپوءِ مٿي کڻي رهيا آهيون، آبادگار ڪارڊ سان عام آبادگارن جي زندگي بدلجي ويندي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي ??ڌو سنئون سبسڊيز ڏينداسين ۽ کين غربت مان ڪڍنداسين، اهڙا سڌارا متعارف ڪرائي رهيا آهيون ته سول ڪيسن جي فيصلا هڪ سال ۾ ٿين ۽ عام ماڻهن کي ??نصاف ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي نوڪنڊي ماشڪيل شاهراهه جي تعمير جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت بلوچس??ان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچس??ان جي ترقي سان پاڪس??ان کي ??مر حاصل ٿيندا، بلوچس??ان ۾ بهتر مواصلاتي رابطن جي ضرورت آهي، پاڪس??ان جي فيڊريشن جي مضبوطي ان سان لاڳاپيل آهي، هن چيو ته بلوچس??ان جي عوام جي احساس محرومي ختم ڪئي ويندي، ان رستي جي تعمير سان بلوچس??ان ۽ پاڪس??ان کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته پهريون سال مالياتي مشڪلاتن ۾ گذريو، ڪنهن به حڪومت کي ??يترو وڏو مالياتي خسارو ۽ معاشي مسئلا ورثي ۾ ناهن مليا، معاشي صورتحال اهڙي هئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو هو ۽ جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ها ته غير ملڪي بئنڪن سان اسان جا رابطا ختم ٿي وڃن ها، روپئي جو قدر وڌيڪ ڪِري وڃي ها ۽ وڏي ??هانگائي ٿي وڃي ها. وزيراعظم چيو ته ان کانپوءِ ڪورونا جو بحران اچي ويو، ڪو به ملڪ ڪورونا جي صورتحال کي ??هڙي طرح منهن نه ڏنو جهڙي طرح پاڪستان، ڀارت ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اسان وڏي ??شڪل وقت مان گذري ويا آهيون ۽ جيڪڏهن اسان ايس او پيز تي عمل ڪيو ته صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته جيڪا مافياز اسان جي مخالف آهي انهن کي ??هو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان ڪام??اب نه ٿي وڃون، ڪي پي ڪي ۾ اسان اتحادي حڪومت ۾ هئاسين، ڪي پي ڪي جي عوام ٻيو ڀيرو ڪڏهن ڪنهن کي ??قتدار ناهي ڏنو پر اسان جي حڪومت نه رڳو ٻيهر اقتدار ۾ آئي پر خيبرپختونخوا جي عوام اسان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني جڏهن ته اسان جا مخالف سياسي پارٽين جو برو حال آهي، انهن کي ??هو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان پوري ملڪ ۾ ڪام??اب نه ٿي وڃون ان لاءِ اهي گوڙ ڪري رهيا آهن ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، حقيقت ۾ انهن کي پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو آهي،