اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي ??ياست وانگر جنهن به قوم معاشري جي ڪمزور طبقي جي ??ميد??ري ورتي ۽ قانون جي ??الادستي جو اصول اختيار ڪيو ان قوم ترقي ڪئي، چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اسان انهي ماڊل تي عمل ڪري رهيا آهيون، احساس پروگرام ان سلسلي جي ڪڙي آهي، ورلڊ ب??نڪ موجب ڪورونا وائرس سبب متاثر طبقي کي فوري ۽ شفاف انداز ۾ مدد ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي. هو احساس بچت بئنڪ اڪائونٽ پروگرام جي ??غاز تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر به خطاب ڪيو، وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته هو ورلڊ بئنڪ پاران احساس پروگرام کي سيفٽي نيٽ جو ڪووڊ جي ??وران دنيا جو چوٿون بهترين پروگرام قرار ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر، احساس جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.