اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ تعليم جو فروغ مل?? جي ترقي جي وسيلو آهي، صوبن جي مشاورت سان تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي جو پڪو ارادو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس براءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي چيئرمين پ??وف??سر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وقتي چيئرمي?? انجنيئر فاروق بزائي، ايڇ اي سي جي ايگ??يڪ????و ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، نياٽيل جي چيئرمين راشد خان، ٽيلي تعليم جي چيف ايگ??يڪ??ٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پ??وف??سر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ ايڇ اي سي کي گهربل وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.