اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي آبادي کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ ٽيلي ميڊ??سن ڪلينڪس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ٽيلي ميڊ??سن ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آه??، مصنوعي ذهانت جي استعمال سان ڊيٽا جي تجزئي ۽ وبائي بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهبي. هو پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ خدمتن جي فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر خواجه، ڪنسلٽنٽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تانيه ايدرس، ڊا??ريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر رانا محمد صفدر، ڊا??ريڪٽر جنرل اين آءِ ٽي بي فيصل اقبال ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران ٽيلي هيلٿ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ سروسز جي فروغ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.