اسلام آباد – 13 آ??سٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ صدر رجب طيب اردگان ??ي دعوت تي 14 ??ان 16 آگسٽ تائين تر??ي جو دورو ڪندو. ان دوري دوران صدر ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميِڊيا ونگ موجب ٻنهي صدرن استبول ۾ پاڪستان نيوي جي 4 ملجم بحري جهازن جي رونمائي تقريب ۾ به شرڪت ڪندا. صدر عارف علوي ميڊيا ۽ تر??ي جي مشهور ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ تر??ي جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپا هڪٻئي لاءِ احترام ۽ گڏيل اعتماد تي هموار آهن، معاشي رخن تي وڌندڙ ڌيان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مضبوط ??ان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ۽ تر??ي جي وچ ۾ اعليٰ سط??ي مٽاسٽا، مختلف معاملن تي رابطا، هڪجهڙي موقف ۽ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جو عڪاس آهن.