اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پرامن ۽ م??تحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، افغانستان م سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري، انساني ضرورتن ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري پا??ان هنگامي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي. اهي ??ال??يون هن پاڪستان جي دوري تي ايل جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس سان ??ال??ائيندي ڪيون جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دو??ان افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪ جرمن ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ??ال??ه تي زور ڏ??و ته پرامن ۽ م??تحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ جي ان اهم لمحن ۾ عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغان عوام سان يڪ??هتي ۽ تعاون ڪري. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان سان پائيدار رابطن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي علائقائي امن ۽ استحڪام بابت گڏيل مفادن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس وزيراعظم عم??ان خان کي جرمن چانسلر انجيلا مارڪل پا??ان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ افغانستان ۾ صورتحال بابت جرمني جي موقف کان آگاهه ڪيو. بائيڪو ماس افغانستان مان جرمن شهرين جي انخلا ۾ تعاون تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير بائيڪو ماس هلندڙ سال دو??ان پاڪستان جرمن سفارتي لاڳاپن جي سترهين سالگرهه جي حوالي سان تقريبن کي پڻ اجاگر ڪيو.