اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ڪينيا جي هم منصب ري??ل اومامو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير آڪٽوبر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳڻتي آ??ي، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آ??ي ته عالمي برادري افغانين کي انساني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پرڏييه وزير ڪينين هم منصب کي نيزوبي ۾ موجود، سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين جي فوري مدد جي درخواست ڪئي، ڪينين پرڏيهي وزير ري??ل اومامو نيروبي ۾ سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين کي جلد سعودي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.