اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، نوجوا??ن کي جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين اخلاقي براين کان بچائڻ لاءِ سيرت طيبه جي سنهري ??صو??ن جي روشني ۾ ان جي ڪ??دا?? سازي گهڻي ضروري آهي. وزيراعظم سان ڊاڪٽر صاحبزاده ساجد الرحمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 12 ربيع الاول ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، ان موقعي تي نوجوان نسل کي مديني جي رياست ۽ سيرت طبيه جي رهنما ??صو??ن کان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جو بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، پاڻ سڳورن ماڻهن جي ڪ??دا?? سازي تي خاص ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته اڄ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ نوجان نسل جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين براين کان بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، نوجوا??ن کي ان اخلاقي براين کان بچائڻ لاءِ سيرت طبيه جي سنهري ??صو??ن جي روشني ۾ انهن جي ڪ??دا?? سازي گهڻي ضروري آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن ۾ سيرت طيبه تي اعليٰ شهرت رکندڙ اسڪالرز نوجوانن جي ڪ??دا?? سازي لاءِ رهنمائي ڪندا، وزيراعظم چيو ته اها اٿارٽي تحقيق ڪري نوجوا??ن کي ٻڌائيندي ته اهي ڪهڙا ع??ل هئا جنهن جي ڪري رڳو 13 سالن جي ٿوري عرصي ۾ (636-623) مسلمان قيصر ۽ ڪسري جي عظيم سلطنتن کي زير ڪري 150000 چورس ڪلوميٽر زمين تي حڪمراني ڪرڻ لڳا.