اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي ۽ محمد زبير جا بيان ن ليگ جي اندر ويڇن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي، خاندانن ملڪ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، ن ليگ ۾ هاڻي نئين قيادت سامهون اچي ويندي جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پيپلزپارٽي کي به زرداري کان اڳتي نڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن مهيني خيبرپخت??نخ??ا ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پنجاب ?? طاقتور مقامي حڪومتن جي چونڊ حڪومت جو اعتماد ظاهر ڪن ٿا، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ خيبرپخت??نخ??ا ۾ اميدوار به بيهاري نه سگهيا، اها ئي حالت پنجاب ?? هوندي، هن چيو ته صرف هڪ ٻه ٽي وي چئنل انهن جي عملي طور تي مرده سياست کي زند?? رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.