اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ??يش??ل سيڪيورٽي ڪورس 2022ع جي گريجوئيشن تقريب جمعي تي ??يش??ل ڊفينس يونيورسٽي، اسلام آباد ۾ م??عق?? ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خ??ص مهمان هو. ان موقعي تي وفاقي وزير، سينيٽرز، سينئر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر به موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ پريس رليز موجب گريجوئيشن جي تقريب، ??يش??ل سيڪيورٽي ڪورس جي پڄاڻي تي م??عق?? ڪئي وئي جنهن جو آغاز 16 آگسٽ 2021ع تي ٿيو هو ۽ ان ۾ پاڪستان جي سول سروسز سان گڏوگڏ هٿياربند فوج جي ميمبرن به شرڪت ڪئي، ان ڪورس جو بنيادي مقصد ڪورس جي ميمبرن کي ”جامع قومي سلامتي“ جي تعمير ۾ قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي گڏيل عمل کي سمجهڻ جي قابل بڻائڻ هو. خ??ص مهمان گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي کين سندن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي سلامتي بابت پيچيده ۽ پيشيوراڻي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل مهارتن سان ليس هجڻ کانپوءِ کين اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جيڪو قوم کي درپيش خطرن ۽ چئلينجن جي خلاف قومي رد عمل کي تصور ڪرڻ جي لاءِ گهربل هجي، هن قومي سلامتي جي تصورن تي شرڪت ڪندڙن جي مهارتن کي نکارڻ ۽ قومي پاليسي سازن کي پاڪستان جي قومي سلامتي بابت مسئلن جي بهتر نموني ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي حوالي سان ??يش??ل ڊفينس يونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو.