اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي، سرحد تي سيڪيورٽي ۾ اضافي، سرحدي مارڪيٽس قائم ڪرڻ سان علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان سان ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري ڪالهه اربع ڏينهن هتي م??اقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جي م??قعي تي دو??نب?? ۾ ايراني صدر رئيسي سان پنهنجي م??اقات جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي م??ڪن جي گڏيل تعاون جي فروغ جو محرڪ ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي م??ڪن ۾ معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جو فروغ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي. هن سرحد جي ٻنهي طرفن سيڪيورٽي ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ انهن مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي شرو??ات علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪ ايران سرحد تي ٻه وڌيڪ سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون آهن جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن اچ وڃ جي سهولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ايران جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جي ان حوالي سان موقف کي ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط سپورٽ سمجهن ٿا. وزيراعظم عمران خان ايران جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان ض??ور?? تي زور ڏنو ته اف??انستان جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام سان پاڪستان ۽ ايران سڌوسنئون متاثر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان اف??انستان کي هڪ پرامن ۽ مستحڪم ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو جنهن جي معيشت پائيدار هجي ۽ اف??انستان رابطن جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿئي. وزيراعظم عمران خان عاليم برادري تي زور ڏنو ته اها اف??انستان سان مثبت اميدون رکندي انساني بنيادن تي فوري طور تي امداد فراهم ڪري ۽ اف??انستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان محفوظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن اف??انستان جي مالي اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ جي ض??ور?? تي پڻ زور ڏنو ته جيئن جنهن سان سخت سرديءَ جي م??سم جي اچڻ کان اڳ ان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ اف??ان عوام جي مدد ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان اف??انستان ۾ قومي مصالحت ۽ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته گذريل مهيني اف??انستان جي 6 پاڙيسري م??ڪن تي ٻڌل قائم ڪيل پليٽ فارم تي پاڪستان ۽ ايران جي ويجهي حصيداري ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان ايراني صدر رئيسي جي لاءِ مبارڪباد جو پيغام پڻ ڏنو ۽ ان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي پڻ ورجايو.