سرگوڌا – 07 – نومبر (اي پي پي) ايس??سي??يٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ سرگوڌا يونيورسٽي ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿيون آهن جنهن تحت سرگوڌا يونيورسٽي جي شاگردن کي اي پي پي ۾ انٽرن شپ ڏني ويندي جڏهن ته ٻئي ادارا گڏجي مختلف ٽريننگ ورڪشاپس منعقد ??ند??. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل صحيحن واري تقريب ۾ ايس??سي??يٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاص?? کچي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون.
جڏهن ته ان موقعي تي ايس??سي??يٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر يونيورسٽي ۾ صحافتي قدرن جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب پڻ ڪيو جيڪو سرگوڌا يونيورسٽي جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ پاران منعقد ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي اي پي پي ايمپلائيز يونين جو صدر خضر ملڪ، اي پي پي سرگوڌا اسٽيشن جو انچارج مخدوم شاهه لطيف، ملڪ سليم اختر، راجا نديم اقبال ۽ ٻيا موجود هئا.