اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۾ ورتل ٻارن جي لاءِ ??وا?? کي رت جي عطين جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٽرانسپورٽ سميت ٻين پابندين جي ڪري ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جا عطيا گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپ??ش آهن، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو ڏيو ڇو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت هڪ عظيم نيڪيءَ آهي، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي زندگي جو دارومدار رت جي عطيي تي هوندو آهي، رت جو عطيو ڏيندڙن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف نا??ن پارڪ ۾ قائم ٿيلسيميا سينٽر جي دوري تي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.