اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪ??مياب سفارتي ڪوششن ?? عالمي ميڊيا تي معاملو بهتر اندز ۾ اجاگر ٿيڻ تي دنيا ڪشمير جي حوالي سان ڀارت جي بياني کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ڪندو رهندو ۽ هر فورم تي ڀارتي بربريت سامهون آڻيندا رهنداسين. 50 سالن کا??پو??ِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي اجلاسن ۾ ڪشمير مسئلو بحث هيٺ آندو ويو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”تشدد جو عالمي ڏينهن ۽ ڪشمير ۾ ڀار??ي انتهاپسندي“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.