اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان مستنند دستاويز جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سوشل م??ڊيا تي پن??نجي پيغام ۾ صدر سپريم ڪورٽ جي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان فيصلي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو خصوصي ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي حوالي سان صحيح دستاويز ۽ انگ اکر جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي معاشري ۾ پن??نجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ۽ مالي طور تي بااختيار ٿي سگهن. سپريم ڪورٽ 14 جولاءِ کي پن??نجي فيصلي ۾ وف??قي ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته خصوصي ماڻهن کي هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ نوڪرين سميت عوامي جاين تي سهولتون فراهم ڪن.