پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي آر ٽي منصوبي جي شروع ٿيڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو ۽ اهو منصوبو پشاور جي شهرين جي لاءِ نعمت ثابت ٿيندو، هائبرڊ بسن جي استعمال سان ??احولياتي آلودگي ۾ به گهٽتائي ٿيندي ۽ عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آر ٽي منصوبي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وقعي تي خيبرپختونخواهه جو وڏو و??ير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، دفاع وارو وفاقي و??ير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي و??ير پير نورالحق قادري، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق سميت چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدارن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي وڏي و??ير محمود ان ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ??و. هن چيو ته هي ميٽرو بس جو بهترين منصوبو آهي ۽ معيار جي لحاظ کان به اعليٰ ۽ ٿرڊ جنريشن منصوبو آهي. هن چيو ته ان جا اثر پشاور جي ترقي تي پوندا. هن چيو ته ماڻهن کي پشاور جي مين رستي تي رش جي ڪري ڪلاڪ جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو هو. بي آر ٽي ذريعي پشاور جي عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. هن چيو ته 27 ڪلوميٽر جي ان بس ٽريڪ جي ڪري رستن تي ٽريفڪ دٻاءُ به گهٽ ٿيندو. هن چيو ته هي جديد ٽرانسپورٽ سسٽم آهي. مون کي ان حوالي سان ڪجهه خد??ا هئا پر پرويز خٽڪ جيڪو ان ??قت وڏو و??ير هو هو ان ??نصوبي جي حق ۾ دليل ڏيندو هو. ثابت ٿيو ته سندس راءِ صحيح هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ??و. ان ??نصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ??زدور، پورهيت ۽ عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو.