اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ان جي ??اءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏ??ي??ئي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي ??ستقبل جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعن تي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهين جي ??يز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جنگ جي ??يدان جي رتوڇاڻ واري حل کان ڪيتر??ئي ڀيرا بهتر آهي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ ??ي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو جلدبازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي انهن علائق??ئي عنصرن کان به بچڻو پوندو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آهي ۽ اهي پنهنجي جاگرافي??ئي مفادن جي ??اءِ افغانستان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.