اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پوري ??ني?? ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهيون، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي، انهن حالتن کي نظر ۾ رک??دي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ت??قياتي خرچ وڌايا وڃن، روزگار جا ڀرپور موقعا پيدا ڪيا وڃن، صوبائي حڪومتون صنعتي شعبي ۽ زراعت جي ترقي، غيرضروري حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ صحت جي شعبي جي اپ گريڊيشن تي خاص ڌيان ??ين. هن اهڙئن خيالن جو اظهار وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مالي سال 21 – 2020ع جي مجوزه بجيٽ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وخزير محمود خان جي معاشي ٽيم پنهنجي پنهنجي صوبن جي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ بجيٽ جي حوالي سان زميني حقيقتن کي نظر ۾ رک??دي پنهنجي ترجيحن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪ??دي چيو ته هن وقت پوري ??ني?? ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. انهن حالتن کي نظر ۾ رک??دي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ت??قياتي خرچ وڌايا وڃن.