اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اسلامي يوني??رس??ي اسلام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ا??وا?? صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يوني??رس??ي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جمودالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي. هو هن وقت امام محمد بن سعود يوني??رس??ي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ا??وا?? صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اسلامي يوني??رس??ي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اسلامي يوني??رس??ي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن ج?? آجيان ڪندي چيو ته عالمي اسلامي يوني??رس??ي علم سکڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تعليم فراهم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اسلام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تعليم ڏيڻ جي لاءِ پڻ اهم خدمتون فراهم ڪري ٿي.