اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چ??و آهي ته زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آ??ي، اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان وڻڪاري ذريعي ملڪ کي سرسبز ۽ صاف بڻايون، ڪورونا وائرس جي وبا اڃا ختم ناهي ٿي، ان لاءِ عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ڪورنگ پارڪ ۾ ٽائيگر فورس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ملڪ امين اسلم پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجا ٻيلا ڪاٽي ملڪ جو نقصان ڪيو آهي، جيڪڏهن گرمي وڌندي رهي، گليشيئر پگهرندا رهيا ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ ايندو ان سان اسان جون زمينون ريگستان بڻجي وينديون، ان سان بک ۽ بدحالي پکڙجندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ايندڙ نسلن، پنهنجي ٻارن جي لاءِ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريون. هن چ??و ته هي اسان جيڪي اڄ 35 لک وڻ لڳايا آهن اها هڪ شروعات آهي، هي مسلسل جدوجهد ۽ جهاد آهي، اسان اهو پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ايندڙ نسلن جي ??ست??بل لاءِ ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته جڏهن قومون منظم ٿي فيصلا ڪن ٿيون ته الله جي زمين تي نقصان بد??ان بهتري اچي ٿي. هن چ??و ته سڀ کان بهترين صدقه جاريه زمين تي وڻ لڳائڻ آ??ي. هن چ??و ته اڄ سڄي ٽائيگر فورس، نوجوان ۽ انتظاميا جيڪي هتي شريڪ ٿيا انهن جا ملڪ پا??ان ٿورا مڃان ٿو، اسان کي ملڪ کي سرسبز ڪرڻو آهي ان ۾ وڻ لڳائڻا آهن. وزيراعظم چيو ته قوم جي اتفاق راءِ سان فيصلن جا سدائين مثبت نتيجا نڪتا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ ملڪ جي ڪاميابي ان جو مثال آهي. هن چ??و ته ماحولياتي تبديلي به ملڪ کي متاثر ڪري رهي آهي، ان جي وڏي نشاني هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 لک ٽن گهٽتائي آهي، ڇو ته برساتن ڪڻڪ جي فصل کي بري طرح متاثر ڪيو.