اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ستحق ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪرڻ جي تجويز کي ساراهيندي چيو آهي ته اهڙن علائقن جي نشاندهي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي جتي ماڻهو معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿي ٻه وقت جي ماني کان ??حروم آهن، ٺوس منصوبابندي سان اهڙو نظام آندو وڃي جنهن سان ??ستحقين تائين پهچ سڌوسنئون ۽ آسان ٿئ??، احساس ”ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام ڪاميابي کانپوءِ نه رڳو پاڪستان ??ر سڄي دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ هوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس ”ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.