اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ممنوعه فنڊنگ ۾ اسان کي ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ ??ليڪشن ڪميشن ۾ ڦاسي چڪي آه??، پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪنن ۽ خيرخواهن جا نالا، ايڊريس، شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي 40 ه??ار انٽريز تي ٻڌل تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، مخالف ڌر کي مشورو آهي ته اها جٿن جي پٺيان لڪڻ بدران خاموشي سان اليڪشن ڪميشن وڃي پنهنجي فارن فنڊنگ جا تفصيل جمع ڪرائ??، پي ڊي ايم ن??ڪام تحريڪ تي ٿيسز لکيا ويندا ته ڇو اها تحريڪ ناڪام ٿ??، پي ڊي ايم جو آخري پتو اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج جو آهي، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج منهن جي پڪائي، عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سرگرمي ??هي. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.